جهامون ڀيو

جهامون ڀيو: سنڌ ۾ ڊگهي قد هجڻ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙيندڙ جيڪي ماڻهو پيدا ٿيا، انهن ۾ جهامون ڀيو به شامل آهي. هي 1901ع ۾ ڳوٺ دينپور تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ ڄائو. سندس قد 13 فٽ، 4 انچ هو. سنڌ ۾ ڊگهي قد جي حوالي سان عالم چني کي شهرت ملي، هن وقت سنڌ ۾ نصير سومرو ڊگهو قد رکندڙ شمار ٿئي ٿو. پر جهامون ڀيو سنڌ ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ٿي گذريو آهي، جيڪو هن وقت حيات هجي ها ته شايد ان کان وڌيڪ قد وارو ماڻهو دنيا ۾ نه هجي ها. هن لاءِ ڪيتريون ئي روايتون موجود آهن. هڪ روايت آهي ته هڪ دفعي جڏهن ٽوڙي بند پئي ٺهيو ته هو به مزدوريءَ لاءِ آيو، انگريزن وڏو قد ڏسي ٽوڙي بنگلي جي ڀت سان بيهاري اتي نشان طور هڪ ڪلي هنئي، جيڪا اڄ تائين اتي موجود آهي. اها ڪلي هن وقت به زمين کان 11 فوٽ چار انچ مٿي آهي. انگريزن کيس لنڊن وٺي وڃڻ جو ڪيترائي دفعا چيو، پر هن جي مائٽن کيس نه ڇڏيو ۽ عالمي شهرت حاصل نه ڪري سگهيو. 1944ع ۾ وفات ڪيائين. کيس ڳوٺ دينپور جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ جهامون ڀيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو